اسلام آباد: پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهي کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي طاقتن جي کلي عام ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. پاڪستان سلامتي ڪونسل مان انهي معاملي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته اسرائيلي فوج رات دير سان ايران تي فضائي حملو ڪيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ميزائل سازي جي ٺڪاڻن ۽ ٻين حدفن کي نشانو بنايو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ انهي حملي تي رد عمل ڏيندي چيو ته اهو حملو ايران جي جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي ڀڃڪڙي آهي
پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج جا حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن ۽ اهو علائقو امن ۽ استحڪام جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. ممتاز زهره بلوچ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عالمي برادري کي به علاقائي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اسرائيلي فوج فضائي حملي کان پوءِ هڪ بيان ۾ چيو ته اهي ڪارروايون ايراني حڪومت جي طرفان مهينن کان جاري حملن جي جواب ۾ ڪيون ويون ۽ انٽيليجنس جي بنياد تي ميزائل ٺاهڻ وارن ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو.