ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 هفتن ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ مبينا بي ضابطگين بابت ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.جسٽس صلاح الدين پروڙ پي ايم ڊي سي جي وڪيل کي چيو ته جتي طاقتور ماڻهو آهن اتي توهان جا هٿ بند آهن. اڄ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن جو اعلان ڪريو،ڇا 8 هزار رپيا في اميدوار ورتو ويو؟ اهو غريبن لاءِ وڌيڪ آهي، بظاهر امتحان سان ڪمپرومائيزد هيو.پي ايم ڊي سي جي وڪيل چيو ته عدالت جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته امتحاني عمل ۾ شرڪت ڪندڙن جا موبائيل فون فرانزڪ تي آهن، هڪ ملازم ميسيج ڊيليٽ ڪري رهيو هو، ان کان جسماني ثبوت به هٿ ڪيا ويا آهن.عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري صحت ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز کان حڪم وٺڻ جو چيو،ٻڌايو ته جيڪڏهن آءِ بي اي ٻيهر ٽيسٽ وٺندي ته سنڌ حڪومت ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪندي.جنهن تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته عدالت جي حڪم تي آءِ بي اي ڪراچي سان صلاح مشورو ڪنداسين،سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته عدالت جي حڪم تي ڇو؟ هي توهان جو ڪم آهي، عدالت جو حڪم جي ضرورت ناهي.