اسلام آباد: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عمران خان کي جيل مان ڪڍي پختونخواهه آڻڻ جي لاءِ پورو زور لڳائيندس. صحافين طرفان علي امين گنڊاپور کان سوال ڪيو ويو ته بشريٰ بي بي اوهان وٽ پهچي وئي آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته بشريٰ بي بي جتي به هجي، سيڪيورٽي اسان کي ڏيڻي هئي، پر اسان وٽ اچي ها ته اها ڳالهه سٺي هئي.بشريٰ بي بي طرفان پارٽي اجلاسن جي صدارت جي حوالي سان صحافي جي سوال تي علي امين گنڊاپور چيو ته بشريٰ بي بي سياسي ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت نه ڪندي. بشريٰ بي بي کان مشورا ضرور ٿيندا آهن ۽ اهي اڳتي به ٿيندا رهندا. صحافي طرفان سوال پڇيو ويو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اوهان ڪڏهن پنهنجي صوبي ۾ وٺي ويندو، جنهن تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته مان پورو زور لڳائيندس ته عمران خان کي جيل مان ڪڍي خيبرپختونخواهه وٺي وڃان.