ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 27 ماڻهو فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا سبب 27 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو مجموعي انگ 1838 ٿي ويو جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد مريضن جو انگ 90290 تائين پهچي ويو آهي.

هن وقت سنڌ ۾ 575 ۽ پنجاب ۾ ڪورونا سبب 629 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 521 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.

ان کان علاوه بلوچستان ۾ 53، اسلام آباد 41، گلگت بلتستان ۾ 12 ۽ آزاد ڪشمير ۾ زندگيون ذيان ڪندڙ وائرس جي وبا سان 7 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔