اسلام آباد: چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) امجد زبير جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ جي فيصلي کان پوءِ حڪومت اڃان تائين نئين چيئرمين جي لاءِ ڪوبه نالو فائنل نه ڪري سگهي آهي.
ذريعن موجب حڪومت نئين چيئرمين جي مقرري لاءِ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي آهي. وزيراعظم نجي شعبي جي ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقات ڪري چڪو آهي پر ان باوجود نجي شعبي مان چيئرمين ايف بي آر مقرر ڪرڻ جو معاملو اڳيان نه وڌي سگهيو آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم ايڊمنسٽريٽو سروس جي آفيسر کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪرڻ چاهي ٿو پر پي اي ايس آفيسر کي مقرر ڪرڻ تي ايف بي آر جا ٻيا آفيسر مزاحمت ڪري رهيا آهن جڏهن ته وزيراعظم کي ايف بي آر سروس جي گريڊ 21 ۽ 22 جي آفيسرن جي فهرست به فراهم ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف سينيٽ جي قائمه ڪميٽي امجد زبير جي وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ جي درخواست جو نوٽيس ورتو آهي ان حوالي سان قائمه ڪميٽي جو چوڻ آهي ته هو چيئرمين ايف بي آر جي ريٽائرمينٽ جي اصل حقيقتن کي ڄاڻڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته چيئرمين ايف بي آر امجد زبير ٽوانه وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني آهي.