سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

اسلام آباد : اين ڊي ايم اي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻه سئو ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ برسات سبب نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ٿي وئي آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) موجب، ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ڪشمير، مالاڪنڊ، هزارا ۽ گوجرانوالا ۾ ٻه سئو مليٽر تائين برسات جو امڪان آهي جڏهن ته پوٺوهار، مردان ۽ لاهور ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، پنجاب ۾ فيصل آباد، ساهيوال، بهاولپور، ملتان، راڄن پور، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، سکر، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ۾ ڪڪر وسندا.
برساتن کي نظر ۾ رکندي ايم ڊي ايم اي طرفان صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب، بلوچستان ۾ زوب، زيارت، قلات ۽ سبي ڊويزن ۾ برسات جون امڪان آهي جڏهن ته ڪي پي ۾ ڊي آءِ خان ۾به برسات متوقع آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔