بائيڊن بابت درست اڳڪٿي ڪندڙ نجومڻ ايندڙ آمريڪي صدر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

واشگنٽن : جو بائيڊن جي صدارتي چونڊن تان هٿ کڻڻ جي درست اڳڪٿي ڪندڙ نجومڻ ايمي ٽرپ صدارتي چونڊن ۾ ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ مان ڪامياب ٿيندڙ اميدوار جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايمي ٽرپ هلندڙ سال اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو مقابلو جو بائيڊن سان ڪملا هيرس سان ٿيندو.
درست اڳڪٿي کانپوءِ ايمي ٽرپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ستارا ڊونلڊ ٽرمپ جي حق ۾ آهن ۽ صدارتي چونڊن ۾ ٽرمپ کي سوڀارو ٿيندو.
نجومڻ اِهو به چيو ته آمريڪا ۾ آگسٽ جو مهينو سياسي بدامني جو مهينو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔