وومين ايشيا ڪپ: سريلنڪا ڀارت کي هارائي ايشيائي چيمپيئنز بڻجي ويو

دمبولا: وومين ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا ڀارت کي اٺ وڪيٽن تان هارائي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

دمبولا ۾ کيڏيل فائنل مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهي سگهي، سمرتي منڌانا 60، رِچا گهوش 30 ۽ جمائمه روڊريگز 29 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيون.

سريلنڪا جي ڪاويشا دلهاري 2، چمار اٿاپٿو، سچني نسانسالا ۽ اديشيڪا پرابوڌاني هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

سريلنڪا 166 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، سريلنڪن بيٽر هرشيتا سمروڪرما 69 ۽ ڪاويشا دلهاري 30 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان چماري اٿاپٿو 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي.

ڀارت طرفام ديپتي شرما هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

فائنل ۾ 69 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي هرشيتا سمروڪرما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏهن ته زبردست ڪارڪردگي جي بنياد تي سريلنڪن ڪپتان چماري اٿاپٿو پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔