ڪراچي: اڄ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو پهريون ڏينهن ۽ پهريون روزو آهي .هر سال وانگر هن سال به رمضان المبارڪ ايندي ئي مهانگائيءَ جي طوفان عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون، سبزين ۽ ميون سميت هر شئي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا.
ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر ايندي ئي مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو، منافعي خور بي لغام ٿي ويا، جنهن سبب عوام پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
سبزين ۽ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن گوشت به عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بصر 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، ادرڪ 500 ۽ ٿوم 650 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي، ساوا مرچ 350 رپيا ڪلو ٿي ويا ۽ ڀينڊين به ٽرپل سينچري مڪمل ڪري ورتي.
پٽاٽا 80 رپيا ڪلو، بيضا في درجن 240 رپيا، ڪيلا في درجن 260 رپيا، جڏهن ته صوف 300 کان مٿي ڪلو ٿي ويا.