حڪومت بصر ۽ ڪيلي جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نئين چونڊيل وفاقي ڪابينه جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي غور ويچار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.

وفاقي ڪابينه ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان عمل ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔