سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نالن جي متاثرن کي معاوضن جي فوري ادائگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري اورنگي، گجر ۽ محمود آباد نالن جي رهيل متاثرين کي معاوضن جي فوري ادائگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت اختيارين کي 15 ڏينهن  اندر عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ۽  متاثرن جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، عدالت  وڪيلن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومت  کي ڪابينا جي منظوري لاءِ  مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت متاثرن کي متبادل گهر ڏيڻ  جي تجويزن تي غور ڪري معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته متاثرن جا 491 چيڪ باقي آھن، اهي به ڏنا ويندا، عدالت باقي رھيل متاثرن کي چيڪ ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، عدالت متاثرن جي لسٽ درخواستگذارن جي وڪيل کي فراهم ڪرڻ جي هدايت  ڪري ڇڏي

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته چيڪن جي ورڇ بابت رپورٽ جمع  ڪرائي ڇڏي آھي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته چيڪ جي ٽائم لائن تائين حڪم تي  عمل تي ڪيو ويو آهي؟

درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته اڃا تائين چيڪن جي ورهاست  جو معاملو حل ناهي ٿيو، چيف سيڪريتري سنڌ فخر عالم چيو ته اسان اهو معاملو ڪابينا آڏو  رکنداسين

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪابينا ان معاملي کي نٿي ڏسي سگهي، اهو سپريم ڪورٽ جو فيصلو  آهي

ميئر ڪراچي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ تجويز ڏني هئي ته پهريان ڪرائي جو  چيڪ ڏنو ويندو

جسٽس حسن اظهر چيو ته ڪير آهن اھي ماڻھو جن جو قبضو آھي، هتي ته ڳوٺ ٺاهيو پيو وڃي، اڌ ڪراچي ته ڳوٺ ٺاھيو ويو آھي

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏھن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔