اليڪشن ڪميشن اي اين پي انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد: اي اين پي انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس تي اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

عوامي نيشنل پارٽي جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني ڪميشن ڪئي. ان موقعي تي اي اين پي جو صدر اسفنديار ولي موجود هئو. جڏهن ته ڊي جي پوليٽيڪل فنانس ونگ مسعود شيراني ڪميشن کي اي اين پي انٽرا پارٽي چونڊن بابت بريفنگ ڏني

وڪيل ٻڌايو ته اسان کي چيو ويو ته 6 مهينا ڏيون ٿا جيڪڏهن 6 مهينن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو ته ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون ڇو نه ڪرايون ويون. اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي چونڊ نشان الاٽ نه ڪيو ويندو ۽ اوهان چونڊن ۾ به حصو نه وٺي سگهندو.

اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو ته عوامي نيشنل پارٽي انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ التوا گهريو آهي. پهرين مئي 2024 تي پنج سال پورا ٿي ويندا.  اي اين پي جي وڪيل چيو ته آئين چوي ٿو ته 4 سالن جي لاءِ عهدا هوندا پر چونڊن جي صورت ۾ ڪابينه ڪم ڪندي رهندي. 6 مهينن ۾ ته وسوسا رهيا ته چونڊون ٿي رهيون آهن يا نه.؟

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جهڙي طرح جي اوهان ڳالهه ڪري رهيا آهيو ان جو مطلب چونڊن جي ضرورت ئي نه آهي اها ڪهڙي ڳالهه ٿي ته عام چونڊون ٿينديون يا نه ان سان اوهان جي پارٽي ۽ چونڊن جو ڪهڙو تعلق آهي؟ 5 سالن کان پوءِ ته ڪميشن جي اٿارٽي ئي نه آهي.

اسفنديار ولي چيو ته اهڙي موقعي تي اها ئي درخواست ڪئي وڃي ٿي ته 6 مهينن جو وقت ڏنو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان جا دليل ٻڌي ورتا آهن اهو نه سمجهو ته ايڪسٽينڊ ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن اي اين پي انٽرا پارٽي چونڊن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔