سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) جي پراسيڪيوٽر شاهه خاور جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته پراسيڪيوٽر سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي.

شاهه محمود قريشي جي وڪيل ايڊووڪيٽ علي بخاري ٻڌڻي 2 وڳي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته اڄ خصوصي ڊويزن بينچ آهي، ان لاءِ ٻڌڻي سڀاڻي تي رکي ٿا ڇڏيون.

جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔