روس مان سستي تيل جو ٻيو جهاز ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: روس مان سستي تيل جو ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. تيل سان ڀريل ڪلائيڊ نوبل نالي جهاز ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي ويو.

روسي جهاز تيل سان بندر گاهه تي لنگر انداز ٿي ويو آهي جيئن ئي جهاز جو برٿنگ پلان فائنل ٿيندو جهاز کي آئل پيٽر تي لڳايو ويندو.

ياد رهي ته روس مان پيور پوائنٽ نالي جهاز خام تيل جي پهرين کيپ کڻي ڪراچي پهتو هو انهي جهاز 45 هزار ميٽرڪ ٽن تيل آندو هو.

جيڪڏهن روس مان تيل باقاعدگي سان پاڪستان اچڻ لڳو ته پوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔