ٽڪ ٽاڪر عائشه جو موت: وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار، والد ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي ۾ ڪار سوارن طرفان جناح اسپتال ۾ ٽڪ ٽاڪر عائشه جو لاش ڇڏي فرار ٿيڻ واري معاملي ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي

 پوليس موجب ڇاپي دوران جبران نالي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ناري عائشه جو والد پنجاب مان ڪراچي پهچي ويو، سندس فرياد تي  ڪيس داخل ڪيو ويندو

 ڊفينس فيز ون ۾ ڊانس پارٽي دوران گهڻو  نشو واپرائڻ  سبب رحيم يار خان واسڻ ناري عائشه فوت ٿي هئي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊانس پارٽي ڪندڙن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به ملوث آهي، جنهن گيسٽ هائوس ۾ عائشه کي ڊانس پارٽي لاءِ نيو ويو، پوليس اتان ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔