وفاقي سرڪار پاران چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي آهي

 وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي

 پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ڏسندي فيصلو ڪيو، هڪ شخص جي انا جي ڪري ٻن صوبن تي اليڪشن زبردستي مڙهي پئي وڃي

هن جو چوڻ هو ته 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ ٿيندڙ اليڪشن تڪراري هجي ها، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 6 مهينا اڳ ئي اسيمبليون ٽٽي پون ها

تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول تبديل ڪرڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان زمان پارڪ ۾ پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔