دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي مشڪل ۾ وجهڻ چاهين ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي مشڪل ۾ وجهڻ چاهين ٿا، ڪراچي ۾ ٻن مذهبي شخصيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ وارو معاملو پاڻ ڏسي رهيو آهيان

 وڏي وزير مراد علي شاهه مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت، پوليس، رينجرز ۽ فوج گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن

هن جو چوڻ هو ته قيمتن تي ضابطي لاءِ هڪ آرڊيننس جي منظوري ڏني آهي، سنڌ اسيمبلي مان به اهو آرڊيننس منظور ڪرايو ويندو، هٿرادو مهانگائي پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي

وڏي وزير جو چوڻ هو ته بينظير سپورٽ پروگرام  ذريعي غريبن کي وڏو فائدو ڏئي رهيا آهيون، فلور ملز کي هدايت ڪئي آهي ته بهترين اٽو 130 رپين تائين وڪرو ڪيو وڃي ۽ غريب عورتن کي ٻه هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون

وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو غريب آهن پر بينظير پروگرام جو حصو ناهن ته اهي شام جو 6 وڳي تائين بينظير پروگرام جي سينٽرز تي وڃي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين

وڏي وزير سان گڏ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور ۾ هڪ سياسي جماعت تماشو لڳائي ويٺي آهي، هو چاهين ٿا ته دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿئي

 گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته عمران خان جي ايجنڊا هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج کي ڪمزور ڪرڻ آهي، ملڪي سلامتي جي ضامن ادارن جو خيال به نه ٿو ڪيو وڃي، سڀ گڏجي اڳتي وڌنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔