وفاقي ڪابينا سستي پيٽرول جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران موٽرسائيڪلن ۽ ننڍين گاڏين لاءِ 100 رپيا في ليٽر سستو پيٽرول سبسڊي نه پر قيمت مقرر ڪرڻ جي اسڪيم ۽ غريبن لاءِ رليف پروگرام آهي.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو ته اسان جي وزارت کي رليف پيڪيج جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ 6 هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي.
سستو پيٽرول اسڪيم بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي خدشن تي مصدق ملڪ چيو ته اها اسڪيم سبسڊي نه آهي، آءِ ايم ايف اسان تي ڪي به خدشا ظاهر نه ڪيا آهن، سستي پيٽرول جي اسڪيم به اها ئي آهي، جيڪا اسان وٽ آهي. آءِ ايم ايف کي گئس سيڪٽر ۾ به حڪومت جي اسڪيم تي ڪوبه اعتراض نه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔