سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف مهم: خاص ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد:گهرو وزارت سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف مهم جي جاچ لاءِ خاص ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب اسپيشل ٽاسڪ فورس ۾ ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ نادرا جا آفيسر شامل هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف ٽڪ ٽاڪ، ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ اڪائونٽن تان پروپئگنڊا ڪئي وئي.
ذريعن موجب اسپيشل ٽاسڪ فورس کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد حاصل هوندي، ٽاسڪ فورس سوشل ميڊيا بابت سفارشون به ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔