سنڌ: مردم شماري ڊيوٽي تان غير حاضر استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ جي تعليم کاتي ڪراچي ۾ جاري مردم شماري ۾ ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ 54 استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

صوبائي تعليم کاتي اسڪول جي هيڊ ماسٽرز ۽ انتظاميا کي خط لکيو آهي، جنهن موجب ضلعي اوڀر جا 54 استاد مردم شماري ڊيوٽي تان غير حاضر آهن.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن جون پگهارون روڪڻ جو فارم ڀري اي جي سنڌ موڪليو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔