عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي قرض پروگرام بابت اعلان جاري ڪري ڇڏيو آهي .
آءِ ايم ايف جي اعلان موجب قرض پروگرام ۾ جون 2023 تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي ، پاڪستان لاءِ قرض پروگرام 6 ارب ڊالر کان وڌائي ساڍا 6 ارب ڊالر ڪيو ويو آهي ، آءِ ايم ايف جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي قسط منظور ڪئي وئي آهي . آءِ ايم ايف جي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي چيلينج آڏو آهن، پاڪستان کي توانائي جا نقصان گهٽ ڪرڻا پوندا ۽ ٽيڪس آمدن وڌائڻي پوندي .
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي مارڪيٽ جي بنياد تي ايڪسچينج ريٽ يقيني بڻائڻو پوندو، ڪاروبار ڪرڻ جو ماحول بهتر بڻائي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ اضافو بهتر قدم آهي .