ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي 6 هفتن ۾ ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ“ ڊڪليئر ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جي آس پاس تمر جي ٻيلن جي تحفظ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي ته ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري اعتراف ڪيو ته ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽ ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ“ ناهن. عدالت پاران سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ويو ته انهن ٻيٽن جا ٻيلا ڇو محفوظ ناهن، هتي سڀني جي ڪمرشل مفاد آهن.توهان پيدا سنڌ ۾ ٿيا آهيو ڇا تدفين پرڏيهه ۾ ٿيندي؟ عدالت ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي 6 هفتن ۾ ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ“ ڊڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عدالت پاران 6 هفتن بعد عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔