سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 8 مريض فوت، 1195 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ اٺ مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 6932 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15410 ٽيسٽون ڪرئڻ سان 1195 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4439 ٿي ويو آهي، هن وقت 47545 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 46591 گهرن ۾، 41 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 913 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 811 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 69 مريضن کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1195 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 595 آهن جن ۾ ضلع اوڀر 214، ضلع سينٽرل 132، ڏکڻ 130، ملير 55، اولهه 35 ۽ ڪورنگي مان 29 آهن. حيدرآباد ۾ 110، بدين 47، خيرپور 34، ٺٽو 38، ٿرپارڪر 32، نوشهروفيروز 26، شهيد بينظير آباد ۽ شڪارپور 25-25، مٽياري 23، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي 21-21، ٽنڊو محمد خان ۽ عمرڪوٽ 20-20، دادو ۽ ٽنڊوالهيار 18-18، قمبر 13، جيڪب آباد 12، ڪشمور ۽ سکر 6، ميرپورخاص 4، ڄامشورو 3 ۽ لاڙڪاڻو 2 ڪيس آهن. مراد علي شاهه عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔