آسٽريليا جو ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان

ڪينبرا: آسٽريليا ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ان فيصلي جو سبب افغانستان مان آسٽريليا سميت عالمي فورسز جي واپسي جي ڪري پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي جي غير يقيني واري صورتحال آهي.
آسٽريلوي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن اعلان ڪيو آهي ته جمعي 28 مئي تي افغانستان ۾ آسٽريليا جو سفارتخانو پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيندو.
اسڪاٽ موريسن جو چوڻ هو حالتون اجازت ڏينديون ته اهو سفارتخانو ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.
واضح رهي ته نيٽو اتحادي جي حيثيت سان هن وقت آسٽريليا جا رڳو 80 فوجي افغانستان ۾ موجود آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔