وفاق جي گهڻي ڀاڱي طاقت صوبن وٽ هلي وئي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته روزاني بنياد تي سرڪاري معاملا هلائڻ لاءِ قرض وٺڻو پوندو آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي سڌارتي ايجنڊا جي تقريب سان خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته اسان 3 سال معيشت جي تمام ڏکئي ۽ ڪامياب سفر مان گذري آيا آهيون، اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هن وقت سرپلس ۾ هليو ويو آهي، معيشت جي عمارت لاءِ بنياد وجهي چڪا آهيون، هاڻ ترقي جو سفر شروع ٿيندو. هن چيو ته معيشت جي گروٿ هڪ مستحڪم پاليسي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، گروٿ جي اوسر جي شرح جي نوعيت ڇا آهي، اهو ڄاڻڻ لازمي آهي، روزاني بنياد تي سرڪاري معاملا هلائڻ لاءِ قرض وٺڻا پوندا آهن، جيڪڏهن ائين هجي ته معيشت ۾ استحڪام ضروري آهي، ان کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون، وفاق جي گهڻي ڀاڱي طاقت صوبن وٽ هلي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔