واشنگٽن: آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فائرنگ جو واقعو ڪيليفورنيا جي علائقي اورنج ڪائونٽي ۾ پيش آيو. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو اهي. ياد رهي ته گذريل هفتي آمريڪي رياست ڪولوادو ۾ هٿياربند شخص جي فائرنگ سبب گهٽ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا هئا.