شهباز شريف خلاف ريفرنس، شاهدن کي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان شهباز شريف سميت ٻين جي خلاف آشيانه ريفرنس جي ايندڙ ٻڌڻي تي ني جي شاهدن کي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور جي احتساب عدالت ۾ ميان شهباز شريف سميت ٻين جي خلاف آشيانه ريفرنس جي ٻڌڻي جج امجد نذير چوڌري ڪئي. جيل اختيارين شهباز شريف کي عدالت جي آڏو پيش ڪيو. ميان شهباز شريف روسٽرم تي اچي حاضري مڪمل ڪرائي.شهباز شريف فاضل جج کي چيو ته توهان جي بدلي جو ٻڌو آهي. جج امجد نذير چوڌري شهباز شريف کي جواب ڏنو ته اِهو زندگي جو حصو آهي. ٻڌڻي دوران خانگي بينڪ جي آپريشنل منيجر ريڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. لاهور جي احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي شاهدن کي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي آشيانه ريفرنس جي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت نيب جي شاهدن کي شهادتن جي لاءِ اڄ طلب ڪري رکيو هو، عدالت هن وقت تائين 6 شاهدن جا بيان قلم بند ڪري چڪي آهي. ميان شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي لاهور جي احتساب عدالت ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جا سخت بندوبست ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔