آمريڪي صدر جوبائيڊن معيشت جي بحالي جو سڀني کان وڏو منصوبو پيش ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر جوبائيڊن معيشت جي بحالي جو سڀني کان وڏو منصوبو پيش ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 23 کرب ڊالرن جو آهي.آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان آمريڪا ۾ نئين معيشت جي بحالي ۽ انفرا اسٽرڪچر کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ وڏو منصوبو پيش ڪيو آهي جنهن جي ماليت 23 کرب ڊالر آهي ۽ اهو منصوبو 8 سالن تي ٻڌل هوندو. ان منصوبي جي ذريعي 20 هزار ڪلو ميٽر ڊگهو رستو ٺاهڻ سميت هزارن جي انگ ۾ پلن جي نئين سري سان تعمير ڪئي ويندي.پبلڪ ٽرانسپورٽ جي لاءِ مالي امداد کي ٻيڻو ڪيو ويندو جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ هزارين چارجنگ اسٽيشنون به تيار ڪيون وينديون. آمريڪي صدر جوبائيڊن پيش ڪيل منصوبي کي خلائي ڊوڙ سان ڀيٽيندي چيو آهي ته هي منصوبو ڪيترين ئي نسلن ۾ هڪ ڀيرو ئي پيش ڪيو ويندو آهي جنهن جي مدد سان هڪ اهڙي نئين معيشت وجود ۾ ايندي جيڪا چين کي به پوئتي ڇڏي ڏيندي. جوبائيڊن چيو ته هي منصوبو آمريڪا ۾ روزگار پيدا ڪرڻ جو سڀني کان وڏو منصوبو هوندو.منصوبي جي مدد سان لکين ملازمتن جو موقعو ملندو ۽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ بحال ڪرڻ سميت اميزون سميت ٻين وڏين ڪمپنين تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويندو. ٻئي طرف صدر بائيڊن ان منصوبي کي گرمي جي موسم تائين منظور ڪرائڻ جو خواهشمند آهي پر مبصرين جو چوڻ آهي ته ريپبلڪن قانون سازن طرفان منصوبي کي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔