ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ کي هٽائي قلمدان حماد اظهر حوالي ڪرڻ جو فيصلو’

اسلام آباد: حڪومت ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت جو قلمدان حماد اظهر حوالي ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ اڄ به پنهنجي آفيس نه آيو، کيس عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته معاشي پاليسين ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جي حوالي سان ڪابينا ۾ تحفظات آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔