انڊونيشيا ۾ برساتون ۽ لينڊ سلائيڊنگ، 10 فوت، ڪيترائي گم

جڪارتا : انڊونيشيا جي مک ٻيٽ جاوا تي پوندڙ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا.
اطلاعن موجب گم ٿيلن ۾ 4 ٻار پڻ شامل آهن، جن جي امدادي ڪارڪن ڳولا ڪري رهيا آهن.
آچر ڏينهن پڻ هڪ ٻئي علائقي ۾ مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا پنهنجي گهرن ۾ ئي دٻجي فوت ٿي ويا هئا.
واضح رهي ته 17 هزار ٻيٽن تي ٻڌل انڊونيشيا ۾ هر سال برساتن سبب سوين ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔