محمد رضوان ملتان سلطانز جو نئون ڪپتان مقرر

ڪراچي : پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ ملتان سلطانز شان مسعود جي جاءِ تي محمد رضوان کي ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان، جيڪو هن وقت ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهي کي ڏسندي ملتان سلطانز انتظاميا سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين موجب محمد رضوان ڊوميسٽڪ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ به ڪپتان طور صلاحيتون مڃرايون آهن، ٽيم جي بهترين قيادت ڪندڙ شان مسعود جا ٿورا مڃون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔