صدر پيوٽن جي مخالف روسي ليڊر نوالني کي سزا اچي وئي

ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي مخالف سرگرم روسي ليڊر نوالني کي ساڍا ٽي سال سزا لڳي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پيرول جي خلاف ورزي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي روسي ليڊر اليڪسي نوالني کي ساڍا ٽي سال سزا ٻڌائي وئي.
نوالني جي حمايت ۾ مظاهرو ڪرڻ تي 900 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
روسي ليڊر جي سزا خلاف اولهه پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي جنهن تي روس اولهه جي ملڪن کي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان تنبيهه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔