نفرتن جي عادي بڻجي وئي آهيان:تاپسي پنون

ممبئي: شاندار اداڪاري جي بنياد تي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ نالو ڪمائيندڙ تاپسي پنو جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي مونلاءِ نظر ايندڙ نفرت سان گهر وارا متاٿر ٿين ٿا.
سوشل ميڊيا تي ٽرولز ۽ منفي تبصرن جو مناسب جواب ڏيندڙ اداڪاره تاپسي پنون جو چوڻ آهي ته هوءَ هاڻ نفرتن جي عادي بڻجي چڪي آهي پر منهنجا گهر وارا ان جا عادي نه ٿيا آهن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا ٽرولنگ سان منهنجا گهر وارا متاثر ٿين ٿا ڇو ته هو شوبز انڊسٽري جو حصو ناهن پر اهو منهنجي زندگي جو حصو آهي ته هنن کي به ان جي عادت وجهڻي پوندي، آئون ان حوالي سان گهر واران سان ڳالهائيندي آهيان.
تاپسي پنون چيو ته شايد ٽرول ڪندڙ کيس چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڇو ته کيس وٽ هڪ طاقت آهي ۽ ڪٿي نه ڪٿي ان جو اثر به آهي.
اداڪاره جو چوڻ هو ته آئون هميشه ٽرول ڪندڙن کي جواب ڏيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهيان ته پنهنجي عزت برقرار رکي کين جواب ڏيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔