ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت ڀارتي هارين خلاف زهراوڳاڇڻ لڳي

ممبئي: ڪنگنا رناوت اڪثر ماڻهن تي تنقيد ڪندي رهندي آهي، هوءَ گهڻو ڪري پاڪستان ۽ مسلمانن خلاف پڻ ڳالهائيندي رهندي آهي،ايتري تائين به جو فلم انڊسٽري جي ساٿي فنڪارن خلاف پڻ ڪيترن سالن کان محاذ کوليو اچي، هاڻ هوءَ پنهنجي حقن لاءِ وڙهندڙ هارين خلاف پڻ ڳالهائڻ لڳي آهي.ڀارتي هارين جي جدوجهد عالمي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ هالي ووڊ جي پاپ سنگر ريحانه به هنن جي لاءِ هڪ خبر ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو” اسان ڇو نٿا ان جي باري ۾ ڳالهايون؟“ ان سان گڏ هن هارين جو احتجاج هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.ڀارتي هارين جي حق ۾ ريحانه طرفان ڪيل ٽوئيٽ جتي ڀارتي سوشل ميڊيا صارفن ۽ پوري ڀارت جو ڌيان ڇڪرايو اتي ڪنگنا کي به اها ڳالهه نه وڻي، جواب ۾ ڪنگنا ٽوئيٽ ڪندي لکيو ” ڪو به ان باري ۾ ان ڪري نٿو ڳالهائي جو هو دهشتگرد آهن جيڪي ڀارت کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن چين اسان جي ٽٽل ۽ ڪمزور قوم تي قبضو ڪري ۽ آمريڪا وانگي ان کي چيني ڪالوني بڻائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔