نسلي ڪتو ٻڌائي عام ڪتو ڏيڻ تي شهري دڪاندار جي خلاف عدالت پهچي ويو

ڪراچي: نسلي ڪتو ٻڌائي عام نسل جو ڪتو ڏيڻ تي شهري ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ پهچي ويو.رپورٽ موجب شهري ڪنزيومر پروٽيڪيشن ڪورٽ ڏکڻ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اپنايو ويو آهي ته ڊفينس ۾ دڪان تان شيزو نسل جو ڪتو خريد ڪيو هو پر گهر وڃي خبر پئي ته ڪتو شيزو نسل جو نه پر عام نسل جو آهي.جنهن کان پوءِ شهري مذڪوره دڪاندار خلاف ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔