راشد نسيم ڀارتي رانديگر کي شڪست ڏئي هن سال جو ورلڊ ريڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪراچي: پاڪستاني مارشل آرٽس ايڪسپرٽ راشد نسيم 2021 جو پهريون عالمي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
راشد نسيم گنيز ورلڊ ريڪارڊ مقابلن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي رانديگرن کي شڪست ڏئي 2021 جو پهريون عالمي ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح انفرادي طور تي هن جي ريڪارڊ جو انگ 64 ٿي ويو جڏهن ته سندس اڪيڊمي هن وقت تائين 78 ريڪارڊ پاڪستان جي نالي ڪري چڪي آهي.
راشد نسيم هن ڀيري 3 منٽن ۾ 10 ڪلو وزن سان 159 مارشل آرٽس ڪڪس هڻي عالمي ريڪارڊ چڪناچور ڪري ڇڏيو.
هن ڀارتي رانديگر نارائن کي شڪست ڏني جنهن پهريان 138 ڪڪس ٽارگيٽ تي هٽ ڪري عالمي ريڪارڊ ٺاهيو هو.
گنيز ورلڊ ريڪارڊ جي ويب سائٽ پاران جاري ڪيل تفصيل موجب سال 2021 ۾ پهريون ۽ انفرادي طور تي راشد نسيم جو 64 هون ريڪارڊ منظور ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔