دنيا ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، ٻاويهه لک ٻاهٺ هزار کان وڌيڪ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

واشنگٽن: دنيا ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 19 ڪروڙ 43 لک 91 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ 22 لک 62 هزار 733 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. دنيا ۾ ڪورونا جا 7 ڪروڙ 62 لک 46 هزار کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 2 ڪروڙ 58 لک 76 هزار کان وڌيڪ علاج هيٺ آهن.آمريڪا ۾ ڪورونا جي صورتحال سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ آهي جتي 4 لک 57 هزار 856 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ 2 ڪروڙ 70 لک 27 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن. ڀارت ڪورونا ڪيسن جي اعتبار سان دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي. جتي فوتين جو انگ هڪ لک 54 هزار 635 ۽ هڪ ڪروڙ 7 لک 78 هزار کان وڌيڪ مريضن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. برازيل ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين جو گڏيل انگ 2 لک 26 هزار 383 ۽ 32 لک 88 هزار کان وڌيڪ مريض متاثر ٿي چڪا آهن.روس ۾ 38 لک 84 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي چڪا آهن فوتگين جو گڏيل انگ 74 هزار 158 ٿي ويو آهي. برطانيه ۾ 38 لک 52 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽ هڪ لک 8 هزار 13 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. فرانس ۾ 32 لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 77 هزار 238 مريص حياتيون وڃائي چڪا آهن.اسپين ۾ 28 لک 81 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 59 هزار 805 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. اٽلي ۾ به 25 لک 70 هزار ماڻهو متاثر آهن. جڏهن ته 89 هزار 344 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. شروع وارا پنج ڪروڙ ڪيسز 358 ڏينهن ۾ رپورت ٿيا هئا جڏهن ته آخري پنج ڪروڙ ڪيسز صرف 89 ڏينهن ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔