نيب سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال پيو ٿئي: شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان، پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سيد خورشيد شاهه کي نيب حراست ۾ هڪ سال ٻه مهينا گذري ويا آهن ، قانون مطابق نيب کي ٽن مهينن اندر ريفرنس داخل ڪرڻو هو.شيري رحمان چيو ته 14مهينا گذرڻ باوجود به سيد خورشيد شاهه کي ضمانت تي آزادي نه پئي ڏني وڃي.هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن نيب وٽ ثبوت هئا ته 14 مهينا ڇو گذري ويا؟،سپريم ڪورٽ ۽ عالمي ادارا نيب تي سوال اٿاري چڪا آهن.پ پ اڳواڻ چيو ته نيب سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.هاڻ سپريم ڪورٽ بار به خورشيد شاهه جي آزادي جو مطالبو ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔