مريم ناني پاران فوج کي ڳالهين جي دعوت ووٽ کي عزت ڏيو جو پول کولي ڇڏيو: علي زيدي

اسلام آباد: وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته مريم ناني پاران فوج کي ڳالهين جي دعوت ووٽ کي عزت ڏيو جو پول کولي ڇڏيو.ٽوئيٽ ڪندي علي زيدي چيو ته ن ليگ جي ووٽ کي عزت ڏيو جي سوچ واري دعويٰ وائکي ٿي وئي آهي.علي زيدي چيو ته مريم ڳالهين کان پهريان چونڊيل حڪومت کي ٻاهر اڇلائڻ جو شرط رکيو آهي.هن چيو ته ووٽ جي عزت جي دعوا ڪندڙ ۽ فوج تي الزام لڳائيندڙ ناني فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.وفاقي وزير چيو ته مريم نواز ۽ ڀائو جي هينئر به 90 جي ڏهاڪي ۾ رهي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔