پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي ڄام مدد علي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي ڄام مدد علي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڄام مدد علي ضياءُ الدين اسپتال ۾ سخت طبيعت خراب هجڻ ڪري وينٽيليٽر تي هو، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄام مدد علي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ڊاڪٽرز موجب هو لاڏاڻو ڪري چڪو هو، هُن کي عارضي طور تي وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو. ڊاڪٽرز پاران به ڄام مدد علي جي وفات جي تصديق ڪئي وئي آهي، ڪجهه وقت اڳ ڄام مدد علي ف ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيوهو ڄام مدد علي جي تدفين ڄام نواز علي ۾ ڪئي ويندي، ڄام مدد علي جي وفات جو اطلاع سندس مائٽن، دوستن ۽ پارتي جي اڳواڻن کي ڏنو ويو، ڄام نواز علي ۾ ڄام مدد جي تدفين جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ڄام مدد علي جو مڙهه ڪراچي کان ڄام نواز علي آڻي دفنايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔