ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي سان اجتماعي جنسي زيادتي جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو

ڪشمور : ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي سان اجتماعي جنسي زيادتي جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو، پوليس ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڇڏيا، ڪيس ۾ روپوش جوابدار خير الله پڪڙ ۾ نه آيو، پوليس جا مختلف علائقن ۾ ناڪام ڇاپا، پوليس طرفان جوابدار خير الله بلوچستان فرار ٿيڻ جِي دعويٰ، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي گرفتار جوابدار رفيق ملڪ اعتراف ڪيو ته خير الله بگٽي سان گڏجي معصوم ٻارڙي کي 7 ڏينهن تائين زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ٻارڙي جِي ماءُ تبسم مغل چيو آهي ته جوابدار کيس نوڪري ڏيڻ جَي بهاني سان ڪراچي مان ڪشمور وٺي آيا، جنهن بعد معصوم نياڻي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، عورت طرفان ڌيءُ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو، واقعي خلاف ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور سميت سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ شهري رستن تي نڪري آيا، سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔