آصف زرداري جي نيب ريفرنس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب ريفرنس اسلام کان ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جي قابل قرار ڏني وئي.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جي ريفرنس ڪراچي منقتل ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي.

رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته نيب ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ريفرنس فائل ٿي چڪو آهي، ريفرنس منتقلي جون اڳ واريون درخواستون به رد ٿي چڪيون آهن.

رجسٽرار آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ رولز تحت ٻيهر نظرثاني درخواست نٿي ڏئي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔