وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو .

دوري دوران وزيراعظم عمران خان ڏکڻ بلوچستان جي لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو ، ۽ تربت ۾ ترقياتي ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن جو به بنياد رکندو .

وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير ڄام ڪمال کان سواءِ قبائلي چڱن مڙسن سان به ملندو .

وفاقي وزير اسد عمر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي پوئتي پيل ضلعن لاءِ ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو .

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته اهي منصوباڪيترن ئي مهينن جي محنت کانپوءِ تيار ڪيا ويا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔