انقره: ترڪي جي صدر طيب اردوان آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تڪرار جو مستقل حل ڪڍڻ جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.ترڪ ايوان صدر موجب روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٽيليفون تي رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن علاقائي مسئلن ۽ خاص طور تي آذربائيجان ۽ آرمينيا جي علاقائي تڪرار تي ڳالهيون ڪيون. طيب اردوان روسي صدر تي واضح ڪيو ته آرمينيا نگورنو قرباخ تي پنهنجي 30 ساله قبضي کي مستقل شڪل ڏيڻ چاهي ٿو.هن چيو ته ترڪي هن مسئلي جو پائيدار حل چاهي ٿو. ٻئي طرف روسي ايوان صدر ڪريملن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽون ٻنهي ملڪن جي جهڙپن ۾ وچ اوڀر مان ويڙهاڪن جي شرڪت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ماسڪو طرفان ٽياڪڙي جي اهميت تي زور ڏنو.واضح رهي ته نگورنو قرهه باخ ۾ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ جاري چڪرين ۾ هينئر تائين 600 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.