حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي سفارش رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان حڪومت کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 16 آڪٽوبر کان گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي هئي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون موجوده قيمتون 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون.
ناڻي واري وزارت موجب ڊيزل جي قيمت 104 رپيا 6 پئسا في ليٽر، پيٽرول 103 رپيا 97 پئسا في ليٽر، گاسليٽ 65 رپيا 29 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت 62 رپيا 88 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔