آن لائن ٻلي جو آرڊر ڪندڙ جوڙي کي چيتي جو ٻچو موڪليو ويو

پيرس: اڪثر آن لائن شاپنگ ڪرڻ صارفين کي مهانگو پئجي ويندو آهي ڇو ته جيڪا شيءَ اسان کي اسڪرين تي سٺي لڳندي آهي ان جي اصل حالت ان تصوير کان ڪافي مختلف ثابت ٿيندي آهي. پر تازو ئي هڪ جوڙي سان انوکو واقعو پيش آيو جتي هنن آن لائن هڪ پالتو ٻلي آرڊر ڪئي ۽ انهن کي هڪ پالتو ٻلي جي جڳهه چيتي جو ٻچو موڪليو ويو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب فرانس سان تعلق رکندڙ ان جوڙي آن لائن 6000 يورو جي عيوض هڪ ٻلي گهرائي ٻلي جي نسل جو نالو(سوانح ڪيٽ) هو. جوڙي ٻڌايو ته هن ٻلي سان گڏ هڪ هفتو رهڻ کان پوءِ اسان کي شڪ ٿيو جنهن کان پوءِ اسان اها ٻلي فوري طور تي جانورن جي ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين جتي ڊاڪٽر ان جي جانچ کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ته هي هڪ سومترن چيتي جو ٻچو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔