ڪيمسٽري جو نوبل انعام ٻن عورت سائنسدانن کٽي ورتو

اسٽاڪ هوم :ڪيمسٽري جو نوبل انعام ٻن عورت سائنسدانن کٽي ورتو آهي.
سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز هن سال ڪيمسٽري جو نوبل انعام ٻن عورت سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جن ۾ فرانس جي ايمانويل شارپونٽيي ۽ آمريڪا جي جينيفر ڊائونا شامل آهن، اهو انعام کين جينوم تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڏنو ويو آهي.
ردعمل ڏيندي فرانس جي ايمانويل شارپونٽيي چيو ته اهو فيصلو عورتن کي سائنس ڏانهن لاڙي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
هن چيو ته سائنس ۾ ماڻهن جي دلچسپي عام طور تي گهٽ ٿي رهي آهي پر اميد ته ان فيصلي سان عورتن کي اعتماد ملندو ته اهي به سائنسي تحقيق ۾ پاڻ مڃرائي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔