مشهور ڪمپني رولس رائس دنيا جي تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

لنڊن: دنيا جون مهانگيون گاڏيون تيار ڪندڙ مشهور ڪمپني رولس رائس جديد ترين ٽيڪنالوجي ذريعي دنيا جي سڀني کان تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب دنيا جي سڀني کان تيز ترين اليڪٽرڪ جهاز جي سموري ٽيڪنالوجي جو تجربو ان جهڙي هڪ ٻئي جهاز جي ريپليڪا(نقل) تي ڪيو ويو جنهن جو نالو آئن برڊ آهي. هي اليڪٽرڪ جهاز رولس رائس جو هڪ قدم(اي سي سي اي ايل) جو حصو آهي. هن جهاز جي تجربي ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالوجي ۾ 500 هارس پاور اليڪٽرڪ پاور ٽرين سان گڏوگڏ هڪ اهڙي بيٽري به شامل آهي جيڪا 250 گهرن کي آساني سان بجلي پهچائي سگهي ٿي.اليڪٽرڪ جهاز جو تجربو ڪندڙ ٽيم هن جهاز جي هڪ هڪ حصي، ان جي ڪارڪردگي، رفتار، بيٽري ۽ سموري ٽيڪنالوجي جي جانچ ڪئي آهي. رولس رائس اليڪٽرڪ جي ڊائريڪٽر روب واٽسن جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالوجي 2050 تائين ڪارن جي آلودگي ٻُڙي تائين پهچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔