آءِ فون جي نئين ماڊل جي لانچنگ تاريخ جو علان

گذريل ڪيترن ئي مهينن کان آءِ فون 12 جي لانچ جي تاريخ ۽ فون جي فيچرز جي حوالي سان گھڻيون ليڪس سامهون اچي رهيون هيون پر هاڻ ڪمپني آءِ فون جي نئين ماڊل جي لانچنگ جو باقاعده اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.
سڄي دنيا۾ آءِ فون جي واهپيدارن کي آءِ فون 12 ڪي،جي اچڻ جو بيچيني سان انتظار هو پر هلندڙ سال ڪورونا سبب آءِ فون جو نئون ماڊل دير جو شڪار ٿي ويو هو.
پر هاڻ مشهور آمريڪي ٽِيڪنالوجي ڪمپني ايپل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هو 13 آڪٽوبر 2020 تي آءِ فون جو نئون ماڊل پيش ڪندا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ايپل ڪمپني طرفان تقريب مڪمل طور تي آن لائين ڪئي ويندي جيڪا ايپل جي آفيشل ويب سائيٽ تي لائيو اسٽريم ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔