آذربائيجان ۽ آرمينيا ويڙهه علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي: ايران

تهران : ايراني صدر حسن روحاني خبردار ڪيو آهي ته آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ ويڙهه علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.
پاڙيسري ملڪن آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ گذريل 10 ڏينهن کان جاري جهڙپن ۾ عام شهرين جي تحفظ جي حوالي سان خدشا وڌي رهيا آهن.
ڌرين طرفان شيلنگ ۽ ميزائلن جي استعمال جي نتيجي ۾ هيل تائين 300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.
ايران چيو آهي ته ڌرين ۾ جنگبندي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر شام ۽ ليبيا مان ويڙهاڪن جو نگورنو ڪاراباخ وڃڻ قبولڻ جوڳو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔